شرمين عبيد چناءِ

شرمين عبيد چناءِ

شرمين عبيد چناءِ

شرمين عبيد چناءِ: غيرت جي نالي قتل ۽ تيزاب سان ساڙيل عورتن تي ڊاڪيومينٽري ٺاهڻ تي ٻه ڀيرا دنيا جو مشهور ‘آسڪر اوارڊ’ ماڻيندڙ پهرين پاڪستاني عورت آهي. شرمين عبيد چناءِ 1978ع ڌاري ڪراچيءَ جي هڪ اردو ڳالهائيندڙ گهراڻي ۾ جنم ورتو. ڪراچي گرامر اسڪول مان تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ اسٽيٽ فورڊ يونيورسٽي آمريڪا مان گرئجوئيشن ۽ ماسٽرس ڪيائين. شرمين پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز 2002ع کان نيويارڪ ٽائيمز ٽيليويزن کان ڪيو، جنهن لاءِ هن طالبان جي ٻارن متعلق هڪ ڊاڪيومينٽري ‘دهشتگرد ٻار’ ٺاهي. هن جي ان دستاويزي فلم کي پهريون آمريڪي ‘ايمي اوارڊ’ مليو. هن 2003ع ۽ 2007ع ۾ افغان مهاجر ڪئمپن اندر ٻارن جي حالت بابت ڪيتريون ئي دستاويزي فلمون ٺاهيون، جنهنڪري کيس طالبان اڳواڻن طرفان ڪافي ڌمڪيون به مليون. شرمين عبيد پاڪستان ۾ عورتن تي ٿيندڙ تشدد خلاف تيزاب سان ساڙيل عورتن جي بگڙيل چهرن جي بحالي ۽ سندن قانوني مدد جي حوالي سان ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهي آهي. هن جون دستاويزي فلمون ۽ پروگرام آمريڪي چئنل فور، سي. اين. اين، بي. بي. سي، پي. بي. ايس، الجزيره ٽي. ويءَ سميت دنيا جي ڪيترن ئي چئنلن تي هلندا رهيا آهن.
شرمين عبيد چناءِ هن وقت تائين آمريڪا، برطانيا ۽ ٻين ملڪن مان ڪيترا اوارڊ ماڻي چڪي آهي، جن ۾: اووسيز پريس ڪلب اوارڊ، آمريڪن وومن ريڊيو ۽ ٽيليوزن اوارڊ، سائوٿ ايشيا جرنلسٽ اوارڊ، ڪيناڊا ويزن اوارڊ سميت ٻيا اوارڊ شامل آهن. هن سعودي عرب اندر عورتن جي حقن بابت رپورٽ جوڙڻ تي به اوارڊ ماڻيا آهن. 27 فيبروري 2012ع تي شرمين عبيد چناءِ کي آسڪر اوارڊ ملڻ کان پوءِ اڳوڻي وزيراعظم پاڪستان، سيد يوسف رضا گيلانيءَ طرفان به کيس پاڪستان جو وڏو قومي سول اوارڊ ڏنو ويو. کيس 29 فيبروري 2016ع تي دستاويزي فلم ‘اي گرل اِن دي ريور’ تي ٻيو ڀيرو آسڪر اوارڊ مليو. سندس دستاويزي فلمون: (1) سيونگ فيس (2012ع)، (2) اي گرل ان دي ريور (2016ع) عورتن جي خلاف تشدد جي موضوع تي آهن.
نوٽ: شرمين عبيد چناءِ 12 نومبر 1978ع تي جنم ورتو.


لفظ شرمين عبيد چناءِھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1978.11.12  عيسوي

شرمين عبيد چناءِ 12 نومبر 1978ع تي جنم ورتو.


2012.02.27  عيسوي

27 فيبروري 2012ع تي شرمين عبيد چناءِ کي آسڪر اوارڊ ملڻ کان پوءِ اڳوڻي وزيراعظم پاڪستان، سيد يوسف رضا گيلانيءَ طرفان به کيس پاڪستان جو وڏو قومي سول اوارڊ ڏنو ويو.


2016.02.29  عيسوي

شرمين عبيد چناءِ 29 فيبروري 2016ع تي دستاويزي فلم ‘اي گرل اِن دي ريور’ تي ٻيو ڀيرو آسڪر اوارڊ مليو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جئرام جوڳي
دسرت راجا
آصف قاضي
راحيلا شر
آچر درويش
سليم سرهندي
چوڌري محمد علي
ابو دلف
بگن چانڊيو
مير بهرام خان ٽالپر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون